مارچ مهيني ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 22.29 رپيا مهانگو ٿيو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽر بئنڪ ۾ مارچ جي آخري ڪاروباري ڏينهن آمريڪي ڊالر مهانگو ٿي ويو. انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر 13 پئسا مهانگو ٿي 283.79 رپين تي بند ٿيو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو قدر 287 رپيا برقرار آهي. واضح رهي ته انٽر بئنڪ ۾ مارچ جي مهيني ۾ پاڪستاني ڪرنسي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر 22.29 رپيا مهانگو ٿيو.