ضرورت جي نظريي ۽ آئين ۾ جنگ پئي هلي، نظريي جي تذليل ۽ آئين جي فتح ٿيندي: شيخ رشيد
اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ صدر جي رٽائر ٿيڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي، اسان چيف جسٽس آف پاڪستان سان گڏ آهيون. سپريم ڪورٽ ٻاهران ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ضرورت جي نظريي ۽ آئين ۾ جنگ هلي رهي آهي، نظريي جي تذليل ٿيندي ۽ آئين جي فتح ٿيندي. شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڄ رات ڪور ڪميٽي جو اهم اجلاس طلب ڪيو آهي، اسان پهرين ڏينهن کان ئي چونڊن بابت ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسحاق ڊار پاڻ چيو ته آءِ ايم ايف کي ڊس ڪيو ويو آهي، 2 ارب رپين جا سکڪ بانڊ روڪيا ويا آهن. هنن جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان جي استعيفيٰ جون خبرون سڄي رات پکڙجنديون رهيون، پر چيف جسٽس آف پاڪستان فتح خان بنديال جو پٽ به آهي، هو ان کي برقرار رکندو. هنن چيو ته ججن کي آئين تي عمل ڪرڻو پوندو، قوم سرخرو ٿي ويندي.