سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ
ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 700 رپيا وڌڻ کانپوءِ 2 لک 8 هزار 700 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت ڏهه گرام سون 601 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 1 لک 78 هزار 927 رپين جو ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر واڌ سان 1981 ڊالر في اونس آهي.