My WordPress Blog

سنڌ جي وڏو وزير سائيٽ فيڪٽري واقعي ۾ فوتين ۽ زخمين   لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي. شرجيل انعام ميمڻ

0

 ڪراچي (ويب ڊيسڪ)فوتين جي وارثن کي 5 لک ۽ زخمين کي ھڪ لک رپيا امداد ڏني ويندي ، اطلاعات کاتي وارو وزير سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سائيٽ فيڪٽري واري افسوسناڪ واقعي جو نوٽيس ورتو آهي ۽ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته وزير اعلیٰ سنڌ  واقعي جي فوتين  ۽ زخمين لاءِ امداد جو اعلان ڪيو آهي. ھن چيو ته واقعي ۾ فوتين جي وارثن  کي 5 لک ۽ زخمين کي هڪ لک رپيا ڏنا ويندا، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته فيڪٽري  لاپرواهي ڪرڻ تي فيڪٽري مالڪن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽  7   ڄڻن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي

Leave A Reply

Your email address will not be published.