سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بي آءِ ايس پي ٻاهران عورتن جي پيهه، تذليل، دانهون
ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سينٽرن ٻاهران رجسٽريشن ۽ پئسن لاءِ آيل عورتن جي وڏي پيهه نظر اچي رهي آهي. ميھڙ ۾ احساس سينٽر ۾ رجسٽريشن لاءِ آيل عورتن جي پيهه رهي، عملي ۽ پوليس اهلڪار تي تذليل جو الزام هنيو ويو، عورتن جو چوڻ هو ته سينٽر عملو ۽ پوليس اهلڪار ڌڪا ڏئي تذليل جو نشانو بڻائي رهيا آهن، نوٽيس ورتو وڃي. مستحق عورتن جو چوڻ هو ته رجسٽريشن جي لاءِ رشوت گهري پئي وڃي، پئسا نه ڏيندڙن کي انتظار ڪرائڻ بعد واپس موٽايو وڃي ٿو، پوليس اھلڪار عورتن ۽ پيرسن کي تشدد جو نشانو بڻايو آھي، سندس خلاف ڪارروائي وڃي. قاضي احمد ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر ٻاهران عورتن جي پيهه، ٽوڪن نه ملڻ ۽ سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون، عورتن جو چوڻ هو ته روزو هجڻ باوجود انتظار ڪرايو پيو وڃي، رشوت عيوض ٽوڪن ڏنا پيا وڃن. هنن جو چوڻ هو ته سڄو سڄو ڏينهن سينٽر باهران بيهاري بنا وظيفي جي واپس موڪليو وڃي ٿو، نوٽيس ورتو وڃي.