My WordPress Blog

اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، هڪ اهلڪار شهيد

0

راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ دهشتگردن سان جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ سپاهي ارشاد الله شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته شهيد ٿيل 29 سالن جي سپاهي ارشاد الله جو تعلق ضلعي ڪرڪ سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري رهيا آهن، سڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.