ڀٽ شاهه جي شاگردياڻي تحقيق جو انعام حاصل ڪري ورتو
ڀٽ شاهه (نمائندو) يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ جي شاگردياڻي پنھنجي قابليت جي بنياد تي تحقيقي انعام ماڻيو شُمائلا نالي شاگردياڻي، پنھنجي قابليت ۽ علمي جاکوڙ جي ميدان ۾ پاڻ مڃرائيندي تحقيق جو انعام 2023 حاصل ڪيوآھي. شمائلا انفرميشن ائنڊ ڪمپيوٽنگ ڊپارٽمنٽ، يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ آخري سال جي شاگردياڻي آھي. جنھن ڊاڪٽر علي رضا رنگ جي رھنمائي ۾ ھڪ تحقيقي پراجيڪٽ ”ھيومن فالوئنگ روبوٽ“ جي عنوان سان تحقيقي مقالو جمع ڪيو ھو. ان تحقيقي مقالي کي پرکڻ کانپوءِ ان علمي ڪم کي ملڪ سطح تي مڃتا ملي آھي، ۽ انعام سان پڻ نوازيو ويو آھي. ان موقعي تي پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي، وائس چانسيلر، يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ، پنھجا عميق ويچار ونڊيدي چيو ته اسان جي لاءِ انتھائي خوشي جي ڳالھ آھي، ته پُٺتي پيل علائقن جون نياڻين تعليم جي ميدان ۾ اڳڀريون ٿيڻ جي جاکوڙ۾ آھن. پاڻ شمائلا نالي شاگردياڻي جي قابليت تي اعتماد جو اظھار ڪندي چيائون ته يونيورسٽي آف صوفي ازم ائنڊ ماڊرن سائنس، ڀٽ شاھ ۾ جديد تعليم سان گڏ انساني ڀائيچاري جي ڄاڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو وسيع دائرو غور ۽ فڪر جو عمل پڙھايو وڃي ٿو. ان عمل سان اسان جي معاشري جي مثبت ۽ ڪارگر اوثر ٿيندي. پاڻ شمائلا نالي شاگردياڻ ۽ ان جي سپروائيزر ڊاڪٽرعلي رضا رنگ کي انعام جي رقم چيڪ جي صورت ۾ ڏيندي ٻين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ اتساھ پيدا ڪرڻ لاءِ کين رھنمائي جا بنيادي اصول ۽ قاعد سمجھايا. انھي عمل سان شاگردن ۽ شاگردياڻين پنھنجي رھنما، پروفيسر ڊاڪٽر پروين منشي، وائس چانسيلر جي نقشِ قدم تي ھلڻ جو عھد ڪيو ۽ علم حاصل ڪرڻ جي راھ تي پاڻ پتوڙڻ جو وچن ڪيو.