ميرو خان ۾ اسڪول مان سامان چوري، کوجي ڪتن جي مدد 2 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل
ميروخان(ويب ڊيسڪ) ميروخان ويجهو اسڪول جو چوڪيدار يرغمال، سامان چوري، چور چوڪيدار ممتاز ديناري کي يرغمال بڻائي 7 ڇت پکا، 2 بيٽريون، 2 سولر پليٽون هڪ پاڻي وارو موٽر چوري ڪري کڻي ويا ، کوجي ڪُتن جي مدد سان پيرا کڻايا ويا، 2 ڄڻا گرفتار 7 ڄڻن خلاف ڪيس داخل، تفصيل موجب : ميروخان ويجهو ڳوٺ صابو ڪلهوڙو ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي سهڪار سان هلندڙ اسرا ايليمنٽري اسڪول ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور اسڪول جي چوڪيدار ممتاز ديناري کي يرغمال بڻائي ڪمري ۾ بند ڪرڻ بعد اسڪول جي ڪلاس رومن ۾ لڳل 7 پکا، 2 بيٽريون، 2 سولر پليٽون ۽ هڪ پاڻي وارو موٽر چوري ڪري کڻي ويا اسڪول انتظاميا ۽ پوليس پاران پيري ۽ کوجي ڪُتن جي مدد سان چورن جا پيرا کنيا ويا جيڪي اسڪول کان ڪجھ مفاصلي تي ڳوٺ گل ڪلهوڙو ۾ ڳوٺاڻي احمد ڪلهوڙو جي گهر مان لڳا جتان پوليس ٻن ڄڻن محمد صلاح ۽ انصار ڪلهوڙو کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته حد جي سجاول جوڻيجو ٿاڻي تي اسڪول ٽيچر زيب گوپانگ جي فرياد تي گرفتار ٿيل ٻن جوابدارن سميت 7 ڄڻن خلاف چوري واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ٻي پاسي اسڪول مان چوري واردات تي ڳوٺاڻن ۾ ڪاوڙ جي لهر ڇانيل آهي.