سانگهڙ ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ نئين منصوبي جي شروعات
سانگهڙ (رپورٽر )سانگهڙ جي ٽن يونين ڪائونسلز ۾ ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ صاف پاڻي جي فراهمي لاءِ غير سرڪاري تنظيم ايس پي او طرفان هڪ سال جو نئون منصوبو شروع ڪيو ويو آهي جنهن جي تعارفي گڏجاڻي اڄ جيمخانه سانگهڙ ۾ ٿي گذري گڏجاڻي جي صدارت سوشل ويلفيئر جي ڊپٽي ڊائريڪٽر واجد ميمڻ ڪئي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڊزاسٽر مينيجمينٽ ڪاميٽي جي انچارج فقير صابر مهر، ڊپٽي ڊائريڪٽر اطلاعات ظفر منگي ،ايس پي او جي نمائندن زرياب ڪاڪا، نور منگي، نيهال ڪمار سميت لاڳاپيل يونين ڪائونسل جي چيئرمينن ۽ عوام شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ضلعي جي ٽن يونين ڪائونسل جعفر خان لغاري، پير ڪيهور ۽ سانڌاڻو جي ٻوڏ متاثرن کي هڪ سال جي اندر روڪ رقم، واپار لاءِ رقم سميت واش روم ۽ واٽر پمپ جون سهولتون ڏنيون وينديون. جڏهن ته ڄاڻايل علائقن ۾ صفائي سٿرائي لاءِ پڻ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا ويندا ۽ نوجوانن کي فني مهارت جي تربيت پڻ ڏني ويندي. ان موقعي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر واجد ميمڻ ۽ فقير صابر مہر اي پي او جي منصوبي جي واکاڻ ڪندي چيو ته ضلعو سانگهڙ ٻوڏ سبب تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي ۽ اسان غير سرڪاري تنظيمن طرفان متاثرن جي بحالي لاءِ شروع ڪيل هر منصوبي جي آجيان ڪيون ٿا هڻن چيو ته ضلعي انتظاميا ايس پي او سان هر ممڪن سهڪار ڪندي ته جئين عوامي فلاح جي ڪمن کي هٿي وٺرائي سگهجي.