چيف جسٽس جو اختيار محدود ڪرڻ جي وقت جي قانون سازي سواليا نشان آهي: صدر عارف علوي
اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي چيو آهي ته چيف جسٽس جو اختيار محدود ڪرڻ جي قانون سازي جي وقت سواليا نشان آهي؟ نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل 2023ع تي سپريم ڪورٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ جي ضرورت آهي، بل تي صحيحون ڪرڻ جو فيصلو ان وقت ڪندس، جڏهن اهو مون وٽ ايندو، دعا آهي ته جج پاڻ ۾ اتفاق پيدا ڪن. هن وڌيڪ چيو ته آڪٽوبر ۾ به چونڊون خطري ۾ نظر اچي رهيون آهن، مان اها ڳالهه اسيمبليون ٽٽڻ کان اڳ ئي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ٻڌائي ڇڏي هئي.