My WordPress Blog

نصيرآباد ۾ سماجي اڳواڻ جو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويو

0

نصيرآباد ( رپورٽر ) نصيرآباد جي سماجي ورڪر ۽ ايدهي جي لقب سان سڃاتو ويندڙ جو ڀاءُ وفات ڪري ويو.جنازہ نماز شاھ لطيف پبلڪ پارڪ تي ادا ڪئي. تفصيل موجب: نصيرآباد جي سماجي ورڪر ايدهي لقب ماڻيندڙ ممتاز علي شيخ ۽ ريشم گلي نصيرآباد جي صدر ايڊوڪيٽ سرفراز شيخ جو والد رياض شيخ ڪجھ ڏينھن بيمار رهڻ بعد ڪالھ وفات ڪري ويو.مرحوم جي جنازہ نماز شاھ لطيف پبلڪ پارڪ تي ادا ڪئي وئي.جنازه نماز ۾ شهر جي سياسي سماجي تنظيمن جي ماڻهن ۽ شھرين وڏي شرڪت ڪئي. مرحوم کي آباڻي قبرستان سرڪاري گدامن جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم جي مغفرت لاء سماجي ورڪر ممتاز شيخ ۽ ايڊوڪيٽ سرفراز شيخ سان سندس والد جي وفات تي تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.