ملير جي ڀٽائي آباد ۾ لڳايل بچت بازار جو افتتاح
ملير(ڊ.ر) سماجي ڀلائي کاتي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو ملير جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ سنڌ حڪومت پاران لڳايل بچت بازار جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاح دوران مختلف سياسي سماجي شخصيتن ۽ ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته رمضان شريف جي ڀلاري مهيني ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت پاران بچت بازارون لڳايون ويون آهن جنهن ۾ عوام کي سستي ۽ معياري عام واهپي جون شيون ملنديون، ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي سبب غريب عوام سخت پريشان آهي، ۽ انهي پريشاني کي مد نظر رکندي سنڌ حڪومت سستي بازارين ذريعي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ قدم کنيو آهي اڄ ملير جي علائقي ڀٽائي آباد ۾ سستي بازار لڳائي وئي آهي جنهن جي افتتاح ڪري رهيو آهيان، هن چيو ته آئون سنڌ حڪومت ۽ وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جو ٿورائتو آهيان جنهن مون کي پرائز ڪنٽرول ملير لاءِ ميمبر مقرر ڪيو آهي ۽ منهنجي پوري ڪوشش آهي ته وڌيڪ منافعو وٺندڙن خلاف ڪاروائي ڪري عوام کي سستيون ۽ معياريون شيون فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيان، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ايئرپورٽ مير محمد ڳاڙهو، اي ڊي سومرو، حبيب چنا، رضوان جوکيو، علي نواز ميمڻ ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا.