My WordPress Blog

لاڙڪاڻي جي عدات قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

0

لاڙڪاڻو(رپورٽ: وسيم ٻرڙو) لاڙڪاڻي جي ڇهين ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت پاران قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٽن جوابدارن کي ڦاهي ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. ان ڏس ۾ ڪالھ ڇهين ايڊيشنل سيشن جج عرفان اڄڻ جي عدالت ۾ قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت سڳوري طرفان ٽن جوابدارن طالب سرگاڻي، عابد سرگاڻي ۽ قربان سرگاڻي کي ڦاهي جي سزا ٻڌائڻ سان گڏ مجموعي طور تي سندن مٿان 15 لک رپيا ڏنڊ لڳايو ويو. ياد رهي ته اڍائي سال اڳ مٿين جوابدارن مقتول پوليس اهلڪار نديم لاشاري کي زميني تڪرار تان سيهڙ ٿاڻي جي حد ۾ قتل ڪري ڇڏيو هو، اهڙي واقعي جو ڪيس مقتول جي والد منٺار لاشاري جي فرياد تي حد جي ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. جنهن ڪيس جي ٻڌڻي اڄ ڇهين ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ جتي ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عدالت سڳوري پاران اهڙو فيصلو ٻڌايو ويو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.