صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جو نوري آباد رمضان بچت بازار جو دورو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اقليتن جي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي نوري آباد رمضان بچت بازار جو دورو ڪيو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٿاڻو بولا خان عبدالقادر ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي آفيسرن صوبائي وزير کي بريفنگ ڏني . صوبائي وزير چيو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايت تي بچت بازار ۾ عوام لاءِ سهولتن جو جائزو وٺڻ آيو آهيان. سنڌ حڪومت رمضان المبارڪ ۾ عوام کي عام واھپي جون شيون سستي اگهه تي فراهم ڪرڻ لاءِ سڄي صوبي ۾ بچت بازارون لڳايون آهن. عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڄامشورو ضلعي جي سمورن تعلقن ۾ پڻ بچت بازارون قائم ڪيون ويون آهن. ھن چيو ته عوام جي مطالبي تي ٿاڻي بولا خان شهر ۾ پڻ بچت بازار قائم ڪئي ويندي: ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو کي ان بابت هدايت ڪري ڇڏي آهي، صوبائي وزير چيو تہ مهانگائي تمام گهڻي وڌي وئي آهي، جنهن سبب عام ماڻهو سخت پريشان آهي. هن چيو ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ سنڌ حڪومت قدم کڻي رهي آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا عوام جي تڪليفن کي نظر ۾ رکندي اهم فيصلا ڪيا آهن، ھن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت 78 لک مستحق خاندانن کي رمضان المبارڪ ۾ اٽي جي خريداري لاءِ رقم ڏني پئي وڃي، هن وڌيڪ چيو ته بچت بازارن جي ذريعي شھرين کي ريليف کي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبائي وزيرن ، صلاحڪارن ، خاص مددگارن کي بچت بازارن جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.