شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي نوابشاهه جي بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي پاران بين الاقوامي ڪانفرنس منعقد
نوابشاهه (رپورٽ: راج ڪماراوڏ) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شھيد بينظير آباد جي بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي پاران “هڪ تباهي واري معيشت ۾ اڀرندڙ ڪاروباري ۽ معاشي رجحانات” جي عنوان ٻه روزه بين الاقوامي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو. شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي تاريخ جي ھن ٽين بين الاقوامي ڪانفرنس ڪرائڻ جو مقصد ٻاھرين دنيا جي اسڪالرن ۽ ماهرن کي پنهنجي تحقيق جي حصيداري لاءِ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو. بين الاقوامي ڪانفرنس جي افتتاحي تقرير شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر امانت علي جلباڻي ڪئي، جنهن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چيو ۽ ان ڳالهه کي ورجايو ته هي ڪانفرنس اسان لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ، هڪ ٻئي کان سکڻ ۽ نون خيالن جي ڳولا ڪرڻ جو هڪ قيمتي موقعو آهي. يونيورسٽي آف ايوريو پرتگال جي پروفيسر ڊاڪٽر هيلينا نوبري، انفراسٽرڪچر يونيورسٽي ڪوالالمپور ملائيشيا جو پروفيسر ڊاڪٽر ابوبڪر عبدالحميد، نائجيريا جي نيل يونيورسٽي جو ڊپٽي وائيس چانسلر ڊاڪٽر دليپ ڪمار، يونيورسٽي آف موليس اٽلي جو ڊاڪٽر ڪارلا ڊيل گيسو، اين اي ڊي يونيورسٽي ڪراچي جو پروفيسر ڊاڪٽر رضا علي خان، شهيد الله بخش يونيورسٽي آف آرٽس اينڊ ڊيزائن جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اربيلا ڀٽو، اسڪول آف بزنس اينڊ اڪنامڪس، يونيورسٽي آف جيواسڪيلا فنلينڊ جو ڊاڪٽر اعجاز اي شيخ، سکر آئي بي اي يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر منظور علي ميراڻي، چيئرمين آف ليڊرشپ اسٽڊيز آمريڪي يونيورسٽي آف شجاع جي پروفيسر ڊاڪٽر ورجينيا بوڊوليڪا، ميشا اسران ۽ ٻين تجزيه نگارن ڪانفرنس جي موضوع تي مختلف موضوعن تي مختصر طور پنهنجون اهم تقريرون پيش ڪيون. جڏهن ته سکر آئي بي اي يونيورسٽيءَ جي اقتصاديات جي پروفيسر ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو جي نگرانيءَ ۾ ”تباه ٿيندڙ معيشت ۾ ڪاروباري ترقي جا چئلينجز“ جي موضوع تي پينل بحث مباحثو پڻ ٿيو، جنهن ۾ تباهي واري معيشت جي اڀرندڙ مسئلن تي پڻ روشني وڌي وئي. آخر ۾ ڪانفرنس جي ميزبان پروفيسر ڊاڪٽر سلمان بشير، ڊين فيڪلٽي آف مئنيجمينٽ اينڊ بزنس ايڊمنسٽريشن شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي مھمانن جو شڪريو ادا ڪيو ڪندي چيو ته ڪانفرنس ۾ اسڪالرن جي ڏنل معلومات تي ھڪ اعلي معيار جي تحقيقي ڪتاب پڻ شايع ڪيو ويندو جنھن ۾ لاڳاپيل شعبن جي ترقي ۾ مدد ملندي ۽ سماج تي مثبت اثر پيدا ڪندي. ڪانفرنس ۾ ڊين، ايڇ او ڊيز، فيڪلٽي ميمبرن، انتظامي اسٽاف ۽ قومي ۽ بين الاقوامي مهمانن جي اسپيڪرن سميت وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي