سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل منظور، نواز شريف کي اپيل جو حق ملي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر بل ۾ محسن داوڙ جي ترميم شامل ٿيڻ سان ن ليگ قائد نواز شريف کي سزا خلاف اپيل جو حق ملي ويو. 30 ڏينهن ۾ ون ٽائم اپيل جي حق سان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان گڏوگڏ يوسف رضا گيلاني، جهانگير ترين سميت پاڻمرادي نوٽيس ڪيسن جي فيصلن جون ٻيون متاثر ڌرون به فائدو کڻي سگهنديون. واضح رهي ته اڄ قومي اسيمبلي ۾ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل ۾ محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم شامل ڪئي وئي. محسن داوڙ چيو ته ڪراچي جو نسلا ٽاور به پاڻمرادي نوٽيس سبب ڪيرايو ويو، ماضي ۾ 3/183 (پاڻمرادي نوٽيس) جي متاثرن کي 30 ڏينهن ۾ اپيل جو حق ڏنو وڃي. ان موقعي تي قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته اها هڪ ڀيري جي قانون سازي آهي، ان تي ڪو پنڊورا باڪس نه کلندو. محسن داوڙ چيو ته پراڻا احساس آهن، ان ترميم تي ڇو ڪيٻائي رهيا آهيو؟ قومي اسيمبلي اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي مشاورت ٿي، جنهن کانپوءِ محسن داوڙ جي تجويز ڪيل ترميم منظور ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجرز بل جي گڏيل طور منظوري به ڏئي ڇڏي.