سي اي او /ايم ڊي واٽر بورڊ پاران ملازمن کي ايڊوانس پگهار ڏيڻ جي منظوري :نوٽيفيڪيشن جاري
ڪراچي) ويب ڊيسڪ) سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران واٽر بورڊ ملازمن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪرڻ ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي ھڪ ٻيو سٺو قدم کڻي ڪري واٽر بورڊ جي سمورن مسلمان ملازمن لاءِ ليو انڪيشمينٽ ۽ عيد فيسٽيول بونس سميت سمورن عيسائي ملازمن کي ايسٽر ايڊوانس جي منظوري ڏيڻ کانپوءِ ليبر ويلفيئر آفيسر نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر بورڊ پاران فنانس کاتي واٽر بورڊ کي پابند ڪندي چيو تہ سمورن مسلمان ملازمن کي ليو انڪيشمينٽ ۽ عيد فيسٽيول بونس سميت سمورن عيسائي ملازمن کي ايسٽر ايڊوانس جي مد ۾ 10 اپريل تائين ادائيگيون ڪيون وڃن، ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر بورڊ پاران آر آر جي کاتي کي هدايتون ڏيندي چيو تہ واٽر بورڊ جي آمدني وڌائڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪندي ھن عمل کي تيز ڪيو وڃي تہ جيئن ملازمن کي عيدالفطر کان اڳ ليو انڪيشمينٽ، عيد فيسٽيول بونس سميت ايسٽر ايڊوانس ڏيئي سگھجي، ڊائريڪٽر اڪائونٽس واٽر بورڊ موجب سي اي او واٽر بورڊ پاران ملازمن جي لاءِ مجموعي طور تي 431 ملين جي ادائيگين جي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ ليو انڪيشمينٽ ۽ عيد فيسٽيول بونس جي لاءِ 380 ملين، ايسٽر ايڊوانس جي لاءِ 16 ملين جڏھن تہ واٽر بورڊ انتظاميا پاران حج جي سعادت جي حوالي سان 2019 ۽ 2020 جي قراندازي ۾ ڪامياب ٿيڻ وارا خوشنصيب ملازم جيڪي ڪرونا وائرس سبب حج جي سعادت حاصل نہ ڪري سگهيا ھئا ۽ ھلندڙ سال قراندازي ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ مجموعي طور تي 30 حاجين لاءِ 35 ملين جي فوري ادائيگي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ پنهنجي بيان ۾ چيو تہ ملازمن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جا سمورا مسئلا حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحات ۾ شامل آھي ان سلسلي ۾ انتظاميا پاران ملازمن جي ڀلائي لاءِ وڌيڪ اثرائتي اپاءَ ورتا پيا وڃن، ھن چيو تہ اداري جي استحڪام ۽ نيڪ نامي سميت شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ واٽر بورڊ ملازمن جو اهم ڪردار آهي، ٻئي پاسي ليو انڪيشمينٽ، عيد فيسٽيول بونس سميت ايسٽر ايڊوانس جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ تي انجنيئرز اينڊ آفيسرز ايسوسيئيشن واٽر بورڊ، سي بي اي سميت سمورن مزدور اڳواڻن، آفيسرن ۽ ملازمن پاران سي اي او واٽر بورڊ جا ٿورا مڃيندي سندس شڪريو ادا ڪيو.