سنڌ ۾ اٽي لاءِ سبسڊي جي اڄ کان شروعات ڪئي ويندي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انشاء الله سنڌ حڪومت سڀاڻي کان صوبي جي مستحق ماڻهن کي 15.6 ارب روپين جي سبسڊي جي ورڇ شروع ڪري ڇڏيندي. اها رقم اٽي جي خريداري جي مد ۾ ڏني پئي وڃي. شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سنڌ جا 78 لک خاندان هن اسڪيم مان فائدو حاصل ڪندا. اڄ (اڱاري) منجهند کان مستحق خاندانن کي ايس ايم ايس اچڻ شروع ٿي ويندا . هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ميسيج نه ملی ته 8171 تي پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر اماڻي تصديق ڪري سگھي ٿو.