My WordPress Blog

آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه جي صدارت   ۾ وزيراعظم پاران قائم ڪيل فلڊ رليف ڪميٽي جو اجلاس

0

ڪراچي( ويب ڊيسڪ)وزير اعظم پاڪستان پاران قائم ڪيل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي فار مانيٽرنگ فلڊ رليف ايڪٽوٽيز (سنڌ) جو اهم اجلاس سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ٿيو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت،  ايم پي اي نواب سردار خان چانڊيو، صوبائي کاتن جي سيڪريٽرين، آفيسرن اين ايڇ اي، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي سميت ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس جي صدارت ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته گذريل برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال ملڪي معيشت خاص طور تي زراعت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو، مستقبل ۾ اهڙي صورتحال کان بچڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته وفاقي حڪومت فلڊ پروٽيڪشن پلان ٺاهي رهي آهي ۽  صوبي فلڊ پروٽڪيشن جي حوالي سان ان جا منصوبا وفاقي  حڪومت کي موڪلي ته جيئن وقت تي انهن منصوبن جي منظوري ڏني وڃي.اجلاس ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سهيل راجپوت برسات متاثرن جي بحالي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿيل نقصان جو اندازو لڳائڻ لاءِ گهر گهر سروي ڪيو ۽ سروي موجب صوبي جي مختلف علائقن ۾ 21 لک گهر متاثر ٿيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان برسات متاثرن لاءِ گهر ٺاهي ڏئي رهي آهي، جنهن لاءِ ورلڊ بئنڪ 500 ملين ڊالر ۽ سنڌ حڪومت 250 ملين ڊالر فراهم ڪري رهي آهي. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته گهرن جي اڏاوت لاءِ عملدرآمد پارٽنر ذريعي گهر ٺاهيا ويندا ۽ مئي ۾ 10 هزار گهرن جي اڏاوت شروع ٿي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت 25 ايڪڙ تائين جي هارين کي 5000 رپيا في ايڪڙ ڏئي رهي آهي، جنهن ۾ پهرين مرحلي ۾ 12.5 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي 5000 رپيا في ايڪڙ جي حساب سان ڏنو پيو وڃي. ايندڙ مرحلي ۾ 25 ايڪڙن تائين، اها رقم هارين کي ڏني ويندي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته برساتن ۽ ٻوڏن سبب صوبي جا روڊ رستا، اسڪول، آبپاشي نظام ۽ صحت مرڪز متاثر ٿيا آهن، عالمي بئنڪ جي سهڪار سان آبپاشي نظام کي بحال ڪرڻ لاءِ 2 ارب ڊالرن جا منصوبا شروع ڪيا ويندا.  هن وڌيڪ چيو ته سنڌ واحد صوبو آهي جتي صوبائي حڪومت 2 ارب ڊالرن جي منصوبن لاءِ ملٽي ڊونرز کي راضي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تعليم کاتي جي سروي موجب 20 هزار اسڪول برساتن سبب متاثر ٿيا آهن، انهن اسڪولن جي بحالي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. چيف سيڪريٽري سنڌ ڪراچي ۾ مون سون جي برساتن جي حوالي سان تيارين جي وضاحت ڪندي چيو ته ڪراچي ۾ روڊن ۽ سيوريج سسٽم کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ شهر جي 42 نالن جي صفائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هو ايندڙ مون سون جي برساتن لاءِ سمورن ضلعن لاءِ ڪنٽينجنسي پلان ٺاهي رهيا آهن، جنهن لاءِ سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي لکيو ويو آهي. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ وڌيڪ ٻڌايو ته ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي کي ضلعي سطح تي به فعال ڪيو پيو وڃي. آبي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت مون سون برساتن لاءِ جيڪو به ڪنٽينجنسي پلان ٺاهي ان کي وفاقي حڪومٿ سان به شيئر ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت به صوبائي حڪومت سان ڀرپور سهڪار ڪندي. هن سمورن صوبائي سيڪريٽرين کي چيو ته وفاقي حڪومت سان گڏ جيڪي معاملا هجن اهي هن ڪميٽي ذريعي موڪليا وڃن ۽ هو ڪوشش ڪندا ته جلد کان جلد معاملا حل ڪيا وڃن.

Leave A Reply

Your email address will not be published.