عمران خان جي سياست دفن ٿي چڪي آهي، بزدل جيڪو پاڻ کي وڏو بهادر سمجهندو آهي : شرجيل انعام ميمڻ
ڪراچي (رپورٽر) سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چوڌري فواد جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته 2013ع ۾ تحريڪ انصاف کي مينار پاڪستان واري جلسي ذريعي مصنوعي انداز ۾ اڀاريو ويو، جڏهن بيساکيون ھٽي ويون ته عمران خان جي تنزلي جي جهلڪ گذريل ڏينهن پي ٽي آئي جي مينار پاڪستان واري جلسي ۾ سڀني ڏسي ورتي. پنهنجي بيان ۾ سنڌ جي اطلاعات واري وزير چيو آهي ته عمران خان جي سياست دفن ٿي چڪي آهي، بزدل جيڪو پاڻ کي وڏو بهادر سمجهندو آهي اهو دٻن ۾ ويهي تقريرون ڪري رهيو آهي، صوبائي وزير چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجو حشر ڏسي، ھاڻي هر در تي مذاڪرات لاءِ خيرات گھري رھي آھي، هن چيو ته فواد چوڌري کي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي مستقبل بابت فڪر ڪرڻ جي ڪابہ ضرورت ناھي ، فواد چوڌري پنهنجي مستقبل بابت سوچي، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته فواد چوڌري ٻڌائي ته گذريل ڏينهن سنڌ ۾ ٿيل مڪاني ادارن جي ننڍي چونڊ ۾ پي ٽي آئي کي گھڻيون سيٽون مليون ، ھن چيو ته ڪراچي کان ڪشمور تائين مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ فواد چوڌري جي پارٽي کي پيپلزپارٽي جي جيالن بدترين شڪست ڏني آهي. هاڻي پاڪستان پيپلز پارٽي جا جيالا ساڳيو ٽرينڊ سڄي پاڪستان ۾ پکيڙيندا.شرجيل انعام ميمڻ چيو تہ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو مستقبل روشن آهي.