My WordPress Blog

خواهش آهي ته ٻئي هجون پر هاڻ راڻا ثناءُ الله نه رهندو: عمران خان

0

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ستن ڪيسن ۾عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. عمران خان جي ضمانتن جي درخواستن تي چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ عامر فاروق ۽ جسٽس گل حسن اورنگزيب ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران عمران خان جي وڪيل چيو ته سندس اصيل لاهور هاءِ ڪورٽ مان حفاظتي ضمانت حاصل ڪئي آهي، جڊيشل ڪمپليڪس پهتو ته اڳتي وڃڻ نه ڏنو ويو، عمران خان خلاف وڌيڪ  ٻه ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته پهريان مطمئن ڪريو ته هڪ فورم کي باءِ پاس ڪري هتي ڇو آيا آهيو؟ اوهان کي آخرڪار وڃڻو ايڏانهن ئي آهي ته  پهريان ٽرائل ڪورٽ ڇو نه ويا؟. عمران خان جي وڪيل چيو ته ان بابت مان سپريم ڪورٽ جو فيصلو پيش ڪندس، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته سادي ڳالهه ٻڌايو ته جمپ هڻي سڌيءَ ريت هاءِ ڪورٽ  ڇو آيا؟. وڪيل چيو ته عمران خان کي سڪيورٽي خدشا آهن، هتي ماحول بهتر آهي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هزاري ماڻهو اچي وڃن ته امن امان جي صورتحال ته پيدا ٿيندي، اوهان کي ان صورتحال کي بهتر بڻائڻو آهي. عمران خان جي وڪيل چيو ته هو ڪنهن کي ڪال ناهن ڏيندا، ماڻهو پاڻ اچي ويندي آهن، جنهن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  چيف جسٽس چيو ته اسان کي اِها ڄاڻ آهي ته درخواست گذار هڪ وڏي پارٽي جو ليڊر آهي ۽ سندس فالوورز پڻ آهن. ٻڌڻي دوران عمران خان روسٽرم تي اچي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر چيف جسٽس کيس روڪي ڇڏيو ۽ کيس واپس پنهنجي سيٽ تي ويهڻ جي هدايت ڪئي. جسٽس عامر فاروق جو چوڻ هو ته عمران خان کي سيڪيورٽي خدشا آهن، جيڪي جينوئن هوندا، مٿس هڪ ڀيرو حملو پڻ ٿي چڪو آهي. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد عمران خان جي ستن ڪيسن ۾ 6 اپريل تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان راڻا ثناءُ الله جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته خواهش آهي ته ٻئي رهون پر جيڪڏهن هو چئي رهيو آهي ته مان اِهو ئي چوندس تي هو نه رهندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ حاضري جي موقعي تي عدالت جي ڪمري ۾ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي عمران خان چيو ته سياستدانن لاءِ ڳالهين جا دروازا سدائين کُليل هوندا آهن. هن چيو ته جييڪي امپائر کي پاڻ سان ملائي کيڏندا هجن انهن کي ليول پلئينگ فيلڊ جي ڪهڙي ڄاڻ، ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون پر ون پوائنٽ ايجنڊا آهي ته چونڊون ڪرايون وڃن. صحافي سوال ڪيو ته مُلڪ ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي؟ جنهن تي عمران خان جواب ڏيندي چيو ته هي اُهو سوال آهي جنهن جو جواب اوهان سڀئي ڄاڻو ٿا، مُلڪ ۾ رول آف لا ختم ٿي چڪو آهي، اظهر مشواڻي کي اغوا ڪيو ويو آهي ۽ حسان جي ضمانت ٿي پر کيس وري گرفتار ڪيو ويو آهي. هڪ صحافي سوال ڪيو ته نواز شريف پنهنجي ڀاءُ جي حڪومت ۾ به مُلڪ واپس نه پيو اچي؟ جنهن تي عمران خان چيو ته نواز شريف منهنجي نااهل يا قتل جو انتظار ڪري رهيو آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.