My WordPress Blog

جيستائين چونڊن تي ڌريون راضي نه ٿينديون،هوا ۾ ڪو به فيصلو نٿا ڪري سگهون:چيف جسٽس

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي تاريخ بابت درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته سڀ کان اهم سوال اِهو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن صدر پاران اعلانيل تاريخ ۾ ڦيرڦار سگهي ٿي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي، بئنچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل پڻ شامل آهن. تحريڪ انصاف جي وڪيل بئرسٽر علي ظفر عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم جي ٽي ڀيرا توهين ڪئي وئي، جنهن تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته چونڊ شيڊول ڪڏهن جاري ٿيو هو؟ . پي ٽي آءِ جي وڪيل ٻڌايو ته اليڪشن شيڊول اٺ مارچ تي جاري ڪيو ويو هو، اليڪشن ڪميشن وٽ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ئي نه هو، گورنر ڪي پي ڪي سُپريم ڪورٽ جي حڪم باوجود اليڪشن جي تاريخ نه ڏني، صدر الڪيشن ڪميشن سان صلاح مشوري کانپوءِ صوبائي چونڊن لاءِ 30  اپريل جي تاريخ ڏني. بئرسٽر علي ظفر جو چوڻ هو ته سُپريم ڪورٽ نوي ڏينهن اندر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، اسيمبلي ٽٽڻ جي 90 ڏينهن کانپوءِ چونڊن جي تاريخ ڏئي ڪري به توهينِ عدالت ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن آئين ۾ ڦيرڦار ڪئي آهي يا وري معطل ڪري ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هوته گهرو ۽ بچاءُ واري وزارت پاران سيڪيورٽي اهلڪارن جي فراهمي کان انڪار ڪيو ويو، آئين انتظاميا پاران سهڪار نه ڪرڻ تي چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ۽ ان ڳالهه جي ڪهڙي گارنٽي آهي ته آڪٽوبر ۾ حالتون ٺيڪ ٿي وينديون؟ . ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل پي ٽي آءِ جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان سُپريم ڪورٽ کان ڇا پيا چاهيو؟  جنهن بئرسٽر علي ظفر جواب ڏيندي چيو ته سُپريم ڪورٽ آئين ۽ پنهنجي حڪم تي عملدرآمد ڪرائي. جسٽس جمال مندوخيل جو چوڻ هو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد ڪرائڻ هاءِ ڪورٽ جو ڪم آهي. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته فنڊ نه هئڻ جي ڪارڻ کي قبول ڪري وٺون ته پوءِ ڪڏهن به چونڊون نه ٿينديون، معاملو رڳو عدالت جي حڪم تي عمل جو ناهي، ٻن صوبن جي اليڪشن جو معاملو هڪ هاءِ ڪورٽ نٿي ٻڌي سهگي، سُپريم ڪورٽ پنهنجو اختيار استعمال ڪندي فيصلو ڪري چُڪي آهي، سُپريم ڪورٽ وٽ هاڻي به اختيار آهي. جسٽس منيب رمارڪس ڏنا ته سُپريم ڪورٽ جي حڪم جي رستي ۾ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو رنڊڪ بڻيو، سُپريم ڪورٽ ئي بهتر فيصلو ڪري سگهي ٿي ته حڪمن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي يا نه؟ . پي ٽي آءِ  جي وڪيل جو چوڻ هوته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي عوام جي بنيادي حقن جو معاملو آهي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته اوهان ڪهڙي عدالتي حڪم تي عملدرآمد چاهيو ٿا؟ . ان تي بئرسٽر علي ظفر ٻڌايو ته مان پهرين مارچ واري حڪمنامي بابت ڳالهائي رهيو آهيان، جنهن ۾ نوي ڏينهن اندر چونڊن جو حڪم آهي، جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته ڇا پهرين مارچ وارو حڪم عدالتي حڪم آهي؟ . ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجو معزز ساٿي صحيح ٿيل عدالتي فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهي ٿو، سڀ کان اهم سوال اِهو آهي ته ڇا اليڪشن ڪميشن صدر پاران اعلانيل تاريخ ۾ ڦيرڦار ڪري سگهي ٿي؟ اِهو پهريون ڀيرو ٿيو آهي ته اليڪشن ڪميشن صدر طرفان ڏنل تاريخ کي بدلايو آهي، اسان کي ڏسڻو آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ صدر پاران ڏنل تاريخ بدلائڻ جو اختيار آهي يا نه. چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 254 آئين ۾ ڏنل مدي کي تبديل نٿو ڪري سگهي، آرٽيڪل 254 آئين جي ڀڃڪڙي جي اجازت نٿو ڏئي. چيف جسٽس چيو ته انتهائي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي ته سمورين ڌرين جا هڪٻئي جي ڳچي ۾ هٿ آهن، تحريڪ انصاف ۽ حڪومت خاطري ڪرائي ته شفاف چونڊون چاهين ٿا يا نه؟ جيستائين سموريون ڌريون راضي نٿيون ٿين،  اسان هوا ۾ ڪو به فيصلو نٿا ڪري سگهون. هن چيو ته آئين جي تشريح حڪومتون ٺاهڻ يا ڪيرائڻ لاءِ نه هونديون آهن، آئين جي تشريح عوام لاءِ سولايون پيدا ڪرڻ لاءِ هونديون آهن. ٻڌڻي جي پڄاڻي تي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته امن قائم ڪرڻ لاءِ تحريڪ انصا ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ اليڪشن چاهيو ٿا ته ڌرين کي پُرامن رهڻو پوندو. عدالت شفاف چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ حڪومت کان پُرامن رهڻ جي خاطري گهري ورتي. پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن 22 هين مارچ تي چونڊن جي تاريخ رد ڪئي، صدر سُپريم ڪورٽ جي حڪم تي چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪيو، اليڪشن ڪميشن تاريخ رد ڪري 8 آڪٽوبر جي نئين تاريخ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن فنڊن جو جواز تسليم ڪيو ويو ته هر حڪومت ان بنياد تي چونڊون نه ڪرائيندي. سُپريم ڪورٽ پي ٽي جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ چونڊون ملتوي ڪرڻ تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، عدالت گورنرن کي به چيف سيڪريٽري ذريعي نوٽيس جاري ڪندي درخواست جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ پاڪستان تحريڪ انصاف پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ چونڊن جي تاريخ اڳتي وڌائڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي خلاف سُپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.