My WordPress Blog

پي ٽي آءِ جي ميمبرن استعيفيٰ ڏني آهي، ڪنهن هڪ به اڄ اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت نه هوندي: راجا پرويز اشرف

0

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي بحالي جي معاملي تي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنهنجي فيصلي کان هٽڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته تحريڪ انصاف جي جن ميمبرن جو استعيفائون منظور ٿي ويون آهن اهو ئي فيصلو حتمي هوندو، پنجٽيهه ميمبرن مان ڪنهن به هڪ کي سڀاڻي واري اجلاس ۾ شرڪت جي اجازت نه ڏني ويندي. قومي اسيمبلي جي اختيارين جو چوڻ هو ته استعيفيٰ ڏنل پي ٽي آءِ ميمبرن اسيمبلي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي، لاهور هاءِ ڪورٽ يا اليڪشن ڪميشن ڪنهن به پي ٽي آءِ ميمبر کي بحال ناهي ڪيو، ڪميشن رڳو ننڍي چونڊن جي حوالي سان پنهنجو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي ذريعن ٻڌايو ته لاهور هاءِ ڪورٽ اسپيڪر جي استيفيٰ منظور ڪرڻ واري فيصلي کي معطل ناهي ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن به ڪنهن به پي ٽي آءِ ميمبر جي بحالي ناهي ڪئي. ذريعن ٻڌايو ته تحريڪ انصاف عدالتي فيصلي تي پنهنجي مرضي جي تشريح ڪري رهي آهي. خيال رهي ته گذريل ڏينهن ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلي جي حوالي سان پي ٽي آءِ جي پنجاب جي ٻٽيهه ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ ۽ ستاويهه تڪن جي ننڍي چونڊن جو چونڊ شيڊول معطل ڪيو هو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.