بدقسمتي سان عدليه ٻٽي نظام تي هلي پئي آهي، جنهن جو دفاع ڪرڻ ڏکيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري
ڪراچي (رپورٽ: اي بي سومرو) پرڏيهي وزير ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان جمهوريت پسندن جو ملڪ آهي پر جڏهن کان آئين ٺهيو آهي، ان تي ڌاڙو هڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان تقريب کي خطابڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ سڀ کان اڳ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ منظور ڪيو ويو ۽ 73ع جو آئين شهيد ڀُٽي ڏنو هو، آئين سبب ئي عوام وٽ ووٽ جو حق آهي پر جڏهن کان آئين ٺهيو آهي، ان تي ڌاڙو هڻڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن ۽ آئين کي ڪيترائي ڀيرا امتحان مان گذرڻو پيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جو آئين نه رڳو شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي امانت آهي پر رياست ۽ شهرين وچ ۾ هڪ معاهدو آهي، جنهن تحت حقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو آهي، غير جمهوري قوتن کي وڌيڪ موقعو فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهڙي شخص کي وزيراعظم بڻايو ويو، جنهن جي پارليامينٽ، جمهوريت، ايتري تائين جو معيشت ۾ به ڪا دلچپسي نه هئي. سندس موجب ائين نٿو ٿي سگهي ته لاڙڪاڻي جي وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وڃي ۽ زمان پارڪ جي وزيراعظم جي ڄنگهه ۾ تڪليف هجي ته عدليا هڪ هفتي تائين انتظار ڪري، اهو ٻٽو نظام نٿو هلي سگهي ۽ نه اسان برداشت ڪنداسين. پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي عام ماڻهو جي حقن کي تحفظ ڏيڻو آهي، ٻٽي نظام جو مقابلو ڪرڻو آهي، جمهوريت جو تحفظ ڪرڻو آهي، آئين اسان ٺاهيو هو ۽ اسان ئي ان کي بچائينداسين، جيستائين اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهنداسين فائدو ڪو ٻيو کڻندو رهندو، ووٽ جو حق استعمال ڪري ئي عوام هن ملڪ جي حڪمراني جو فيصلو ڪري سگهي ٿو.