My WordPress Blog

ايس او ايس وليج کي زمين جي الاٽمينٽ جو مسئلو جلد حل ٿيندو: گيانچند ايسراڻي

0

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي چيو آهي ته ايس او ايس وليج کي زمين جي الاٽمينٽ جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو ۽ اداري طرف ايندڙ روڊ جي به جلد تعمير شروع ڪئي ويندي ، وزيراعليٰ  سنڌ پاران اقليتي معاملن واري صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي کي ايس او ايس وليج ڄامشورو ۾ جشن بھار جي تقريب کي خاص مهمان طور موڪليو ويو. ھن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پروگرام سبب وزير اعليٰ  سنڌ سيد مراد علي شاھ تقريب ۾شرڪت نه ڪري سگهيو ۽ کيس ھدايت ڪئي ته ايس او ايس وليج ڄامشورو جي پروگرام ۾ آءُ سندس نمائندگي ڪريان پيو. ھن چيو ته  اداري جا جيڪي به مسئلا آھن اھي حل ڪرائبا ۽ وزير اعليٰ  سنڌ کي مسئلن بابت لکت ۾ رپورٽ پيش ڪندس. ھن چيو ته  پاڪستان پيپلز پارٽي ھميشہ اھڙن ادارن جي مدد ڪئي آهي. مون کي ٻڌايو ويو آهي ته اداري ۾ اقليتي ٻارڙا به آھن ، اقليتي ٻارڙن کي اقليتن جي معاملن واري کاتي پاران اسڪالرشپ ڏني ويندي . صوبائي وزير ايس او ايس وليج ڪميٽي کي آڇ ڪئي ته جيڪڏهن اھي فيصلو ڪن ته اداري ۾ اقليتي ٻارڙن لاءِ مندر يا چرچ به تعمير ڪري سگھجي ٿو ، اھا اسڪيم 6 مھينن ۾ مڪمل ڪرائبي. گيانچند ايسراڻي چيو ته ھن اداري جو برانچون سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ به قائم ڪيون وڃن ،

Leave A Reply

Your email address will not be published.