My WordPress Blog

جيل ڀريو تحريڪ وڏن کان شروع ڪئي وڃي سڀ کان پهريان عارف علوي گرفتاري ڏئي: شرجيل انعام ميمڻ

0

ڪراچي (رپورٽ: اي بي سومرو) صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ پي ٽي آئي جيل ڀريو تحريڪ تي تبصرو ڪندي چيو ته هر نيڪ ڪم وڏن کان شروع ٿيندو آهي ، نيڪي واري ڪم ۾ دير ڇاجي ، جيل ڀريو تحريڪ ۾ سڀ کان پهريان صدر عارف علوي جو نمبر بڻجي ٿو.

هو پنهنجي گرفتاري پيش ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ۾ صحافين جي سوالن جي جواب ڏيندي چيو. هن چيو ته ان جي بعد جيڪو نشائي زمان پارڪ ۾ ويٺو آهي ان کي گرفتاري ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ايوان صدر جو غير آئيني استعمال ٿي رهيو آهي ۽ صدر عارف علوي پي ٽي آئي جي ٽائيگر فورس جي ميمبر جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته صدر عارف علوي سنگين ڏوهن ۾ ملوث دهشتگردن جون سزائون معاف ڪيون ۽ کين آزاد ڪيو ويو.

صوبائي وزير چيو ته جڏهن صدر دهشتگردن کي ڇڏيندو ته ان جا نتيجا ڇا نڪرندا توهان سڀ ان جو اندازو لڳائي سگهو ٿا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر عارف علوي جو پٽ سوشل ميڊيا تي ملڪ جي خلاف مهم ۾ شامل آهي. هن چيو ته عمران خان لاڏلو بڻيو ويٺو آهي، جنهن کي ايتريون ته سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جنھن جي پوري دنيا ۾ مثال نٿي ملي. وڏا وڏا ڊان به ان قسم جي سهولت حاصل نه ڪري سگهيا،

عدالتون عمران خان جو انتظار ڪنديون رھن ٿيون ته ھو ڪڏھن ٿو پيش ٿئي. صوبائي وزير چيو ته ملڪ ۾ دهشتگردن لاءِ رستو ڪنهن ھموار ڪيو. ڪهڙي حڪومت انهن کي ڇڏي ڏنو. هن چيو ته جڏهن آرمي پبلڪ اسڪول جو واقعو پيش آيو ته ان وقت خيبر پختونخوا ۾ ڪنهن جي حڪومت هئي، دهل ۽ شرناھين سان دهشتگردن بنون جيل تي حملو ڪيو ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث پنهنجن ساٿين کي آزاد ڪرائي وٺي ويا ا ن وقت ڪنهن جي حڪومت هئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.