My WordPress Blog

توانائي جي شعبي ۾ پرڏيهي مٽاسٽا لاءِ ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ بچت جو بهترين وسيلو آهي: توانائي وارو وزير امتياز احمد شيخ

0

ڪراچي 12(رپورٽر) سنڌ جي توانائي کاتي واري وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ توانائي جي شعبي ۾ قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت جو بهترين وسيلو آهي. هن چيو ته ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ پاڪستان جي توانائي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ پرائيم منصوبو آهي ۽ سنڌ حڪومت ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ کي پائيدار بنيادن تي جديد طريقن ذريعي ترقي وٺرائڻ لاءِ ٿر پاور پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ تيزي سان اڳتي وڌندي ملڪ جي بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهي ۽ اسان جو ملڪ پنهنجي وسيلن مان بجلي جي پيداوار ۾ خود ڪفيل ٿي سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد شيخ گذريل ڏينهن پنهنجي آفيس ۾ ٿر ڪول پاور پروجيڪٽ ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي آفيسرن سان گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو. امتياز احمد شيخ چيو ته ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو جي خواب جي تعبير آهي ۽ سنڌ حڪومت ٿر جي ريگستان هيٺ دفن ٿيل ڪوئلي کي توانائي ۾ تبديل ڪري ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ جي تيزي سان ترقي ۾ خاص دلچسپي وٺي رهيا آهن ۽ سندن هدايتن تحت ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. توانائي واري صوبائي وزير امتياز احمد شيخ چيو آهي ته ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ مان نيشنل گرڊ کي هن وقت 2500  کان وڌيڪ ميگا واٽ بجلي نيشنل گرڊ کي روزانو فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ ان منصوبي ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنيون پنهنجا منصوبا جيترو جلدي مڪمل ڪنديون  اهڙي ريت اسانجي بجلي جون ضرورتون پوريون ٿينديون ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ٻاهرين ملڪن مان درآمد ڪيل وسيلن تي خرچ ٿيندڙ قيمتي پرڏيهي مٽا سٽا ۾ بچت ٿيندي. هن چيو ته ٿر ڪول پاور پراجيڪٽ سنڌ حڪومت جي مثالي منصوبن مان هڪ منفرد اهميت رکندڙ منصوبو آهي ۽ هي منصوبو اسان کي توانائي جي شعبي ۾ خود ڪفيل بڻائيندو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.