My WordPress Blog

ٻوڏ متاثرين لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ

0

حسن اصغر نقوي

گذريل ٻه سو سالن ۾ انسان جيڪي حيرتناڪ ترقي ڪئي آهي، جيڪڏهن انهن ٻن صدين کان پهرين جو انسان ان کي ڏسڻ جي سگھ  رکي ها ته هو حيرت مان بيهوش ٿي ڪري پئي ۽ اهو ڏسي کيس يقين ئي نه  اچي ها ته جنهن ڌرتيءَ تي هو مشڪل بيل گاڏي ۽ ٽانگي جي سفر تي پهچي سگھيا هئا ان ئي زمين تي اڄ گاڏيون ڊوڙي رهيون آهن ۽ اتي جي فضائن ۾ هوا کان وڌي تيز رفتار جهازن هلي رهيا آهن، پر ان حيرت انگيز ترقي جو هڪ ناڪاري پاسو اهو به آهي ته اڄ جي دنيا جي انسان ترقي، آسانين، سهولتن ۽ پئسي جي نه ختم ٿيندڙ ڊوڙ ۾، اهو ڄاڻيندي به ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ ٻين نقصانڪار گيس جي خارج ٿيڻ انساني صحت سميت ڌرتيءَ تي موجود موسمن ۽ حياتين کي شديد نقصان پهچائي سگھن ٿيون، پر ان هوندي به هو سيڙپڪاري جي حوس ۾  ورتل رهيو ۽ اهو وساري ويٺو ته سيڙپڪاري جي ان ڊوڙ ۾ فطرت جي قانون سان جھيڙي جو نقصان پوري زمين تي رهندڙ زندگين کي کڻڻو پوندو ۽ حقيقت ۾ ائين ئي ٿيو.

سڀئي ڄاڻين ٿا ته پوري دنيا جا سائنسدان گلوبل وارمنگ ۽ ان جي تباهيءَ بابت دنيا کي آگاهي ڏيندا رهيا آهن پر ترقي جي نالي تي انڌي ڪمائي جي ڊوڙ ۾ رڌل ماڻهن جي ڪارگذاري جي سزا دنيا جي عام انسانن خاص ڪري انهن ملڪن کي به ڀوڳڻي پئي آهي. زمين جي گرمي پد کي وڌائڻ ۾ جن جو حصو نه هئڻ برابر آهي، اسان جو پيارو وطن پاڪستان پڻ گلوبل وارمنگ سان متاثر ملڪن جي فهرست مٿانهون آهي. 2022ع ۾ پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ شديد برساتن ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل بدترين ٻوڏ موسمي آفتن جي وڌندڙ شدت جي تصديق ڪئي آهي، ان دوران هزارين ماڻهون ٻوڏ سبب پنهنجي جان وڃائي ويٺا يا زخمي ٿيا ، لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. هڪ اندازي موجب 13 هزار ڪلوميٽر روڊ رستا ۽ 21 لک گهر ڊهي پٽ ٿيا، 500 پل ۽ 50 لک ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويو ۽ ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڻي ۾ ٻڏي ويو، انهن برساتن سان سڀ کان وڌيڪ تباهي سنڌ ۾ ٿي. ورلڊ بئنڪ جي اندازن موجب پاڪستان کي 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ۽ ان کي فوري طور تي 16.5 بلين ڊالر کان وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي.

هن مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته پاڪستان کي ماحولياتي انصاف فراهم ڪيو وڃي، حڪومت پاڪستان خاص ڪري بلاول پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڪاميابي سفرتڪاري جي نتيجي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس گلوبل وارمنگ سبب تباهي جي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جو دورو ڪيو ۽ ٻوڌ جون  تباهڪاريون ڏسي هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته عالمي برادري پاڪستان سان ماحولياتي انصاف جي فراهمي لاءِ امداد فراهم ڪري، جنهن بعد جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي ڏهه ارب ڊالرن جي امداد جا واعدا ڪيا ويا.

سنڌ صوبي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد جي لاءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نگراني ۾ صوبي جي ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ صوبائي انتظاميا پاران برساتن ۽ ٻوڏ وارن ڏينهن ۾ متاثرن کي فوري کاڌو پهچائڻ ۽ کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقلي جي لاءِ جوڳا اُپاءَ ورتا اتي ئي ٻوڏ کان پوءِ ورتل قدمن ۾ سڀ کان اول ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن جي نئين سر تعمير جي لاءِ جامع سروي ڪرايو ويو، جنهن جي روشني ۾ 14 لک مڪمل تباھ ٿيل گھر ۽ 65 لک جزوي تباھ ٿيل گھرن جي جلد از جلد تعمير جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ فار فلڊ ايفيڪٽيز ڪمپني (SPHF) قائم ڪئي وئي آهي، اها ڪمپني ٻوڏ کان متاثر خاندانن کي اهڙا پائيدار گھر ٺاهي ڏيندي جيڪي برسات ۽ ٻوڏ سان مقابلي جي قابل هوندا. ماهر انجنيئرن جي نگرانيءَ ۾ جلد تعمير ٿيندڙ هي گهر سستا پر پائيدار تعميراتي سامان سان ٺاهيا ويندا ۽ ان دوران ٻوڏ سان مڪمل تباھ ٿيل گهرن لاءِ ٽي لک روپين جي امدادي رقم ۽ جزوي متاثر گهرن لاءِ 50 هزار روپين جي امدادي رقم پڻ ڏني ويندي، ٻوڏ متاثرن لاءِ پائيدار گهر جي تعمير سان گڏو گڏ رهندڙن کي مالڪاڻا حق پڻ ڏنا ويندا. ان کان علاوه ٻوڏ متاثر ڪميونيٽيز کي برساتن ۽ ٻوڏن کان محفوظ گهرن جي تعمير بابت آگاهي ۽ تربيت پڻ ڏني ويندي ته جئين هو ڪنهن به ايمرجنسي جي صورت ۾ فوري طور تي پاڻ ئي بهتر تعمير ۽ مرمت جي قابل ٿي سگهن. ٻوڏ جي متاثر علائقن ۾ خاص ماڻهن لاءِ پڻ ضرورت جي موجب تربيت ۽ آگاهي پروگرام ترتيب ڏنا آهن. ايس پي ايڇ ايف (ٻوڏ متاثرن لاءِ عوامي گهر ڪمپني) جي معاونت لاءِ ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير جي ڪم ۾ جيڪي تجربيڪار ۽ معبتر ادارا حصو وٺي رهيا آهن ان ۾  نيشنل رورل سپورٽ پروگرام سنڌ، سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن، ٿر ڊيپ رورل ڊولپمينٽ پروگرام (TRDP)، سيفڪو SAFCO ۽ هيلٿ اينڊ نيوٽريشن ڊيولپمنٽ سوسائٽي (HANDS) شامل آهن، هتي اها ڳالھ پن ذڪر جوڳي آهي ته ايس پي ايڇ ايف تحت ٺهيل گهر نه رڳو سستا،  جلد تيار ٿيندڙ ۽ پائيدارن هوندا پر اهي مڪمل ماحول دوست پڻ هوندا. انهن گھرن جي تعمير تي تقريبن 727 ملين ڊالر لاڳت ايندي، جنهن ۾ ورلڊ بئنڪ کان 500 ملين ڊالر جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران 50 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا صوبائي ڪابينا پاران ان جي منظوري ڏني وئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.