My WordPress Blog

ٺل: 4 ڏينهن  اڳ گم ٿيل 3 نوجوانن جي اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن پاران 50 لک روپيا ڀنگ طلب

0

ٺل (نمائندو) 4 ڏينهن اڳ ٺل شھر جي بلوچ ڪالوني جا رهواسي بائي پاس ٺل مان گم ٿيل 3 نوجوانن جي وارثن پاران نوجوانن جي اغوا جي تصديق ڪئي آھي۔ هوڏانهن 4 ڏينهن اڳ ٺل لڳ ڳوٺ عزيز آباد جو رهواسي 15 سالن جو نوجوان محمد اعظم مرهيٽو به ٺل ايندي گم ٿي ويو آھي۔وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو آھي۔جڏهن ته ٺل مان اغوا ٿيل3 مغوي نوجوانن جي  وارثن صحافين کي ٻڌايو ته ڌاڙيلن اڻڄاتل نمبر تان فون ڪري مغوين جي بازيابي لاء 50 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آھي۔ مغوي نوجوانن خان محمد جمالي، عبدالرشيد جمالي ۽ اصغر ڀنگر جي اغوا جي تصديق بعد مغوين جي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو متل آھي۔ وارثن ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون ڪري 50 لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي۔ اسان مزدوري ڪري پيٽ پاليون ٿا، ڀنگ جي رقم ڪٿان آڻيون۔وارثن آئي جي سنڌ۔ڊي آئي جي لاڙڪاڻو۔ايس ايس پي جيڪب آباد۔ڪشمور ۽ وس وارن کان مطالبو آھي ته ڌاڙيلن جي قيد ۾ بانڌي بڻيل نوجوانن کي ڌاڙيلن جي چنبي کان آزاد ڪرائي وڌندڙ بيچيني ختم ڪئي وڃي۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.