My WordPress Blog

وزيراعظم جو ترڪ صدر کي فون: زلزلي سبب ٿيل تباهي تي سهڪار جي آڇ

0

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان کي ٽيليفون ڪري زلزلي سبب ٿيل تباهي تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو. سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم ترڪيه جي صدر سان گفتگو ڪندي چيو زلزلي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضائع تي ڏُکارا آهيون، متاثر خاندانن سان دلي همدردي ۽ تعزيت ڪيون ٿا. شهباز شريف جو چوڻ هو ته آزمائش جي هن گهڙي ۾ پاڪستان پنهنجن ترڪ ڀائرن ۽ عوام سان گڏ آهي، زلزلي جي تباهي کي منهن ڏيڻ ۾ ترڪيه جي سرڪار ۽ عوام سان ڀرپور سهڪار ڪنداسين. هن چيو ته موسمياتي تبديلين جي شدت وڌي رهي آهي، قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تباهي ڪنهن سرحد ۽ مخصوص قوم تائين محدود ناهي. وزيراعظم زلزلي ۾ فوت ٿيندڙ  ماڻهن جي مغرت ۽ سندن پونيئرن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان ٽيليفون ۽ حمايت ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورا مڃيندي چيو ته اوهان جي ۽ پاڪستان عوامي جي جذبن جو قدر ڪيان ٿو.

Leave A Reply

Your email address will not be published.