My WordPress Blog

مشڪل گهڙي ۾  ترڪيه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون: شرجيل ميمڻ

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ترڪيه ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير اطلاعات پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ترڪيه جي عوام لاءِ  دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته  هن مشڪل گهڙي ۾  ترڪيه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته  وڏي پيماني تي ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي کين دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهي صوبائي وزير قدرتي آفت ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.