My WordPress Blog

صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن تي افسوس جو اظهار

0

ڪراچي)ويب ڊيسڪ)صنعت ۽ باهمي امداد  کاتن واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ۽ اينٽي نارڪوٽڪس ۽ پارلياماني معاملن ۽ خوراڪ واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا، وڏي وزير جو مذهبي معاملن وارو صلاحڪار فياض علي بٽ ۽ سنڌ جي وڏي وزير جو سيڙپڪاري پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پروجيڪٽس بابت خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر ترڪيه ۽ شام ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي جاني ۽ مالي نقصانن تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هنن پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڏک ۽ تڪليف جي هن گهڙي ۾ سنڌ جو عوام ترڪيه ۽ شام جي عوام جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ سنڌ حڪومت ترڪيه ۽ شام جي عوام جي هر ممڪن مدد ڪندي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو، مڪيش ڪمار چاولا، سنڌ جي وڏي وزير جي صلاحڪار فياض علي بٽ ۽ وڏي وزير جي خاص مددگار سيد قاسم نويد قمر پڻ زلزلي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.