My WordPress Blog

شرجيل انعام ميمڻ پاران ترڪيه ۽ شام جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار

0

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي ۾ وڏي پيماني تي نقصان ٿيو آهي، سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي عوام ڏکئي وقت ۾ متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي. گذريل ڏينهن سنڌ ڪابينا پنهنجي اجلاس ۾ زلزلي ۾ انساني جانين ۽ ملڪيتن جي نقصان تي پنهنجي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ فوري طور تي زلزلي متاثرن جي امداد لاءِ 1 لک خيما ترڪيه روانو ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. صوبائي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته زلزلي سبب ٿيل تباهي تي دنيا جو هر دردمند انسان  ڏک ۾ ورتل آهي. سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو  ته پاڪستاني قوم  ۽ حڪومت مشڪل جي هن گھڙي  ۾ پنهنجي ترڪ ڀائرن کي پنهنجي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياري ٿي، صوبائي وزير چيو ته  ترڪيه حڪومت ۽ عوام   هر ڏکئي وقت ۾ پاڪستان جي عوام جي مدد ڪئي آھي. هن چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد ۾ ترڪيه جي حڪومت ۽ ترڪ عوام بي پناهه سهڪار ڪيو. سنڌ جي اطلاعات واري وزير زلزلي ۾ فوت ٿيل جي خاندانن سان دلي ھمدردي  جو اظهار ڪيو آهي ۽  زخمين جي  جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.  

Leave A Reply

Your email address will not be published.