My WordPress Blog

سکر ويجهو چوري دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو قتل، 2 مبينا ڏوهاري مارجي ويا

0

سکر/غوثپور (نمائندن وٽان) سکر ويجهو ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ 2 جوابدار به مارجي ويا پوليس موجب ڳوٺ ورايو ۾ ڦر دوران مزاحمت تي ڳوٺاڻو سميع الله مارجي ويو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي اهلڪار پهتا ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، مقابلي دوران پوليس ۽ ڳوٺاڻن جي فائرنگ ۾ 2 ڦورو مارجي ويا، مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي ٻئي پاسي غوثپور پوليس پاران مقابلو ڄاڻائي ماريل 2 نوجوانن اسد شيخ ۽ مير خان شيخ جي وارثن ۽ شهرين جو احتجاج جاري آهي، وارثن، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ شهرين مين بازار کان ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي ڇڏيو،سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ڌرڻي دوران اسد شيخ جي والد دريا خان ۽ مامي قربان شيخ پاران پاڻ ساڙڻ جي ڪوشش  ڪئي وئي، مظاهرين کين روڪي ورتو، مظاهرين پاران دانهون  ڪيون ويون ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس اسد ۽ مير خان شيخ کي بيگناهه کنڀي گم ڪرڻ بعد رشوت گهري، پئسا نه ملڻ تي جڙتو مقابلي ۾ کين قتل ڪري ڇڏيو، فل فراءِ ڪرڻ وقت هڪ ڄڻي کي هٿ ڪڙي به لڳل هئي، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کان انصاف جي اپيل ڪئي وئي 

Leave A Reply

Your email address will not be published.