سنڌ ڪابينا طرفان ڪڻڪ 4000 روپيا خريد ۽ نون ڀرتين جي ڊوميسائل جي تصديق ڪرڻ جو فيصلو
ڪراچي (رپورٽ: اي بي سومرو) سنڌ ڪابينه ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ حڪومت جي ترجمان موجب صوبائي ڪابينه جي اجلاس ۾ ترڪيه جي زلزلي متاثرين لاءِ هڪ لک ٽينٽ ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي. ڪابينه جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ترڪيه جي عوام سنڌ جي ٻوڏ متاثرين لاءِ تڪڙي امداد ڏني هئي. اسان ترڪيه جي عوام کي هن مشڪل وقت ۾ اڪيلو نٿا ڇڏي سگهون. اجلاس ۾ ڪابينه صحت کاتي جي نان پروموشنل پوسٽ جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو. ترجمان موجب اهو ٽائيم اسڪيل 5.12.19 ۽ 27 سالن جي سٺي سروس تي ڏنو ويندو. مذڪوره ٽائيم اسڪيل گريڊ بي ايس هڪ کان 15 جي ملازمن کي ڏنو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ پوليس ۾ تازو ڀرتي ٿيل آفيسرن ۽ اهلڪارن جي ڊوميسائيل چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪابينا پشاور پوليس ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته هن شهيدن جي وارثن لاءِ 10 لک رپيا ۽ زخمين جي علاج لاءِ 5 لک رپيا امداد جو اعلان ڪيو آهي ڪابينا اجلاس ۾ مراد علي شاهه آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته تازو ڀرتي ٿيل پوليس آفيسرن جي ڊوميسائيل چيڪ ڪئي وڃي وڏي وزير چيو ته اهي نوڪريون رڳو مقامي ماڻهن لاءِ آهن، آءِ جي پوليس ڊي سيز ذريعي ڊوميسائيل چيڪ ڪرائي رپورٽ پيش ڪري |