راڌڻ: بروهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو: سوا ڪروڙ ڏنڊ
راڌڻ(رپورٽر) راڌڻ ڀرسان ڳوٺ بهرام بروهي ۾ بروهي برادري ۾ زمين جي معاملي تان هلندڙ محمد نواز بروهي عبدالرحمان بروهي ۽ ٻي ڌر وڪيل عبدالرزاق بروهي واري ڌر ۾ پراڻي خوني تڪرار جو نبيرو لاڙڪاڻو ۾ محمد امين مينگل ۽ ظفر خان جتوئي جي سرپئنچي ۾ نبيرو ٿي گذريو جتي تڪرار ۾ 3 قتل ۽ 2 زخمي ٿيا هيا في خون جي رقم 35 لک مقرر ڪئي وئي ۽ في زخمي جي 5 لک رقم ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ ڌر عبدالرزاق بروهي جا 3 ڄڻا بدرالدين بروهي، واحد بخش بروهي، بهرام خان بروهي قتل ٿيا هيا جن جي رقم هڪ ڪروڙ 5 لک ٿي ۽ 2 ڄڻا زخمي الله بخش بروهي مير حسن بروهي ٿيا هيا جن جي رقم 10 لک روپيه مقرر ٿي، جڏھن ته پنهنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائڻ جي مخبري ڪرڻ تي فوتي عبدالرحمان بروهي واري ڌر تي 15 لک روپيه رکيا ويا مرحوم عبدالرحمان بروھي ڌر مٿان ٽوٽل ھڪ ڪروڙ ٽيھ لک روپيه ڏنڊ پيو جڏھن ته ڌريون هڪٻئي ڏي ميڙمنٿ ڪري وينديون ڌريون هڪٻئي کي ڪيس لکي ڏينديون اهڙي فتويٰ قرآن شريف تي ٻڌائي وئي ۽ ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا. فيصلي ۾ پي ٽي آء ميھڙ اڳواڻ نياز ٻرڙو، اسماعيل بروهي، علي رضا مينگل، سيٺ عيد محمد بروهي، عبدالڪريم بروهي مدثر کهاوڙ گلزار بروهي بشير بروهي ڊاڪٽر گل حسن بروهي سيد فتاح شاه ۽ ٻيا شريڪ هيا. جيڪو به فيصلي جي ڀڃ ڪڙي ڪندو ان مٿان هڪ ڪروڙ ڏنڊ وڌو ويندو.