دادو : چانڊيا ۽ لنجار تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو، لنجار برادري جو هڪ ڄڻو قتل
دادو (رپورٽ: عقيل لاکو) دادو لڳ ڪي ٽي جتوئي وٽ چانڊيا ۽ لنجار برادري ۾ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي اٿيو ڳوٺ جمع خان نوريو ۾ فائرنگ سبب هڪ ڄڻو قتل فوتي جي وارثن ذوالفقار لنجار ، ديدار لنجار ، خان محمد لنجار ۽ ٻين طرفان ٽائر ساڙي ڌرڻو هنيو ويو آھي مقتول جي سڃاڻپ فتح محمد ولد چنيسر لنجار طور ٿي آھي ، نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته جوابدار علي شير چانڊيو ، ڏاڏو چانڊيو ، محمد خان چانڊيو ۽ ٻين فائرنگ ڪري اسان جو ھڪ نوجوان کي قتل ڪيو آھي ، ڪي ٽي جتوئي پوليس ، ۽ سعيدپور پوليس حد جو تڪرار ڄاڻائي پوسٽ مارٽم لاءَ ليٽر ناهي ڏنو پوليس خون لوڙھڻ چاهي ٿي ان ڪري فوتي جو لاش کڻي ايس ايس پي موڙ تي لاش رکي ڌرڻو هنيو آھي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي فوري گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي