My WordPress Blog

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهايو ويو

0

ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر ) جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ مظلوم ڪشميرين جي حق خوداراديت، تحريڪ آزادي ڪشمير جي ڀرپور حمايت ۽ ڪشميرين جي آزادي جي بي مثال جذبي کي سلام پيش ڪرڻ لاءِ ڪشميرين سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر امجد سراج ميمڻ چيو آهي ته سڄي امت مسلمه کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم ۽ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين خلاف آواز اٿارڻ گهرجي،  ڀارت سمورا رياستي وسيلا استعمال ڪرڻ ۽ ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ باوجود آزادي جي جدوجهد کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، گڏيل قومن جي چارٽر موجب وادي جي قابض حڪومت کي ڪشميرين کي حق خوداراديت ڏيڻو پوندو.  سيمينار ۾ شرڪت ڪندڙ شاگردن ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪشميرين جي آزادي جي تحريڪ سان لاڳاپيل تقريرون ۽ گيت پڻ پيش ڪيا، جن کي شرڪت ڪندڙن خوب ساراهيو.  ان موقعي تي جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي رجسٽرار ڊاڪٽر اعظم خان تقريب جي اختتامي پيغام ۾ چيو ته اڄ جي ايس ايم يو جي شاگردن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حق ۾ جيڪو آواز اٿاريو آهي ان جي گونج سڄي پاڪستان سميت والاريل ڪشمير ۾ به ٻڌي ويندي، ڪشمير پاڪستان جي شہ رڳ آهي، 5 فيبروري ڪشميرين سان محبت ۽ وفاداري جي تجديد جو ڏينهن آهي. ان کان اڳ جي ايس ايم يو اسٽوڊنٽ ڪائونسل جي چيئرپرسن پروفيسر ڪيفي اقبال چيو ته ڀارتي حڪومت پاران آرٽيڪل 370 منسوخ ڪري شب خون ماريو ويو ھو،  اسان سڄي دنيا کي گذارش ڪريون ٿا ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت بحال ڪري کين خودمختياري جو حق ڏياريو وڃي۔

Leave A Reply

Your email address will not be published.