ترڪيه ۽ شام ۾ 7.8 جو زلزلو: 2600 ماڻهو شهيد، ڪيتريون ئي عمارتون پٽ
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ترڪيه ۽ شام ۾ خوفناڪ زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 7.9 جي شدت سان آيل زلزلي سبب ڪيئي عمارتون ڊهي پٽ پئجي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ مجموعي طور تي فوتگين جو انگ 23 سئو کان ٽپي ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو زخمي ۽ گم آهن. ٻنهي ملڪن جي اسپتالن ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري دٻجي ويل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪاررواين جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي. ترڪيه جي سئو سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي زلزلي سبب هر پاسي تباهي جا منظر آهن، خوفناڪ زلزلي سبب عمارتن کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ خوف سبب ماڻهو روڊن تي نڪري آيا. آمريڪي جيولاجيڪل سروي موجب زلزلو مقامي وقت موجب صبح چار لڳي سترنهن منٽن تي آيو، زلزلي جي شدت 7 ڏهائي 9 رڪارڊ ڪئي وئي، زلزلي جو مرڪز ترڪيه جي ڏکڻ ۾ غازي انتپ صوبي جي علائقي نرادگي ۾ هو، جڏهن ته زمين اندر اونهائي 17.9 ڪلوميٽر هئي، ان صوبي جي آبادي اٽڪل ويهه لک آهي ۽ اِهو صوبو شام جي ويجهو آهي جنهن سبب شام ۾ به وڏي پيماني تي تباهي ٿي آهي. زلزلي جا لوڏا قبرص، يونان، شام، اردن، لبنان ۽ فلسطين ۾ به محسوس ڪيا ويا. ترڪيه ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 1498 ٿي ويو آهي، جڏهن هزارين ماڻهو زخمي آهن، ترڪ صدر رجب طيب اردگان جو چوڻ آهي ته زلزلي سبب فوتين جي انگ بابت اندازو لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو. سندس چوڻ هو ته 45 ملڪ سرچ اينڊ ريسڪيو آپريشن ۾ مدد جي آڇ ڪري چڪا آهن، تازو زلزلو 1939 کان وٺي هنيئر تائين جي سڀ کان وڏي تباهي آهي. ان کانسواءِ ترڪ صدر رجب طيب اردگان مُلڪ ۾ خوفناڪ زلزلي کانپوءِ هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. ترڪ ڊيزاسٽر مئنيجمنٽ ايجنسي جو چوڻ آهي ته زلزلي کانپوءِ هنيئر تائين 78 آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا آهن، زلزلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار ست سئو ڏهه عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن. ٻئي پاسي شام ۾ زلزلي سبب هنيئر تائين فوتگين جو انگ 783 ٿي چڪو آهي جڏهن ته سوين شهري زخمي آهن. ترڪ اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر علائقن ۾ ٻه هزار 786 امدادي ٽيمون امدادي سرگرمين ۾ رُڌل آهن. ترڪيه ۾ زلزلي کانپوءِ سڄي مُلڪ اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، تعليم کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سڄي مُلڪ سمورا اسڪول 13 فيبروري تائين بند رهندا. ٻئي پاسي زلزلي شام ۾ به تباهي مچائي آهي جتي عمارتون ڪرڻ سبب سوين ماڻهو فوت زخمي ٿيا آهن. شامي اختيارين موجب زلزلي جا لوڏا شام جي صوبن، حما، حلب ۽ لتاڪيه ۾ محسوس ڪيا ويا،حڪومتي انتظام هيٺ علائقن ۾ زلزلي جي نتيجي ۾ فوتين جو انگ 783 ٿي ويو آهي ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن. هوڏانهن شام ۾ ڪم ڪندڙ امدادي ٽيمن موجب باغين جي ڪنٽرول هيٺ علائقن ۾ زلزلي سبب 234 فوت ٿي چڪا آهن، زلزلي سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي، جڏهن ته سوين خاندان اڃا تائين ملبي هيٺان دٻيل آهن. صدر عارف علوي ترڪيه ۽ شام۾ زلزلي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضائع تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڏک جي گهڙي ۾ پاڪستاني عوام ۽ منهنجون همدرديون ترڪيه ۽ شام سان گڏ آهن، الله مرحومن جي پوئنرن کي صبر جميل ۽ مرحومن کي سڪون نصيب فرمائي. وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيمتي جانين جي نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.