آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ نياز ڪلب حيدرآباد کٽي ورتو
حيدرآباد (اسپورٽس نيوز) آل پاڪستان شوٽنگ بال ٽورنامينٽ نياز ڪلب حيدرآباد کٽي ورتو. ٽورنامينٽ سڄي ملڪ مان 70 کان وڌيڪ ٽيمن وچ ۾ مقابلو ٿيو، فائنل ۾ نياز ڪلب حيدرآباد جي ٽيم احمد ٿيٻا ڪلب ٽنڊوالهيار کي 2-1 تان هارائي چيمپئن بڻجي وئي ان موقعي تي ڪامياب ٽيم شاندار جشن ملهايو ۽ رقص پڻ ڪيوئ جڏهن ته آتشبازي جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو پڄاڻي واري تقريب ۾ ايم پي اي سردار خان محمد ڏاهري. ايم پي اي جبار خان، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي چيئرمين آغا سهيل احمد، ڪاشف خان شورو، محمد عبير قاضي ۽ ٻين رانديگرن ۾ انعام ۽ ٽرافيون ورهايون محبوب سولنگي کي مين آف دي ٽورنامينٽ. عباس جويا کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو